نظرانداز کرکے مرکزی مواد پر جائیں

اشاعتیں

محنت ڪريو ٻارو محنت ڪريو

نڪما بڻجي ويندئو، ڪامياب ڪڏھن نه ٿيندئو محنت ڪندئو حاصل ڪندئو بلند مقام علم ڏانھن ڏانھن قدم وڌايو اجايو وقت نه وڃايو اڪثر وقت مطالعي ۾ گذاريو ٿيندئو ڪڏھن نه ناڪام علم سان پيار ڪريو نفرتن کي ڌڪي ڌار ڪريو ھروڀرو پاڻ کي نه خوار ڪريو بڻجي وڃو پيار جو پيام علم سان گڏ راند ڪريو دشمنن کان نه پلاند ڪريو پڙھائيءِ ۾ سڄو ڌيان ڌريو، فضول ڳالھائڻ کان زبان کي ڏيو لغام الله سائين جي عبادت ڪريو جنت ماڻڻ جي سعادت ڪريو وڏڙن کان پاڻ کي ھدايت ڪريو ننڍن وڏن جو ڪريو احترام قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريو ڪنھن شئي ۾ نه ملاوت ڪريو پاڻ ۾ ڪا صلاحيت ڀريو غربت تي نه پشيمان علم بڻايو عام     نوٽ ھي ٻاراڻي شاعري ۾ 13 سالن جي عمر ۾ ڪئي ھئي.
حالیہ پوسٹس

آزاد نظم

ظھور احمد سولنگي آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار معني نويد سحر ڪاري رات کان پوءِ مرجھايل چھرن تي مرڪ موٽائڻ لئه پر ھي ڇا چوڏس خاموشي آشيانا اجڙيل ۽ ويران ڪنول جي لالي غائب لڳي ٿو چيٽ ڪوئل جو جنازو آندو آھي ھاءِ ويچاري معصوم روشن راھن تي تاريڪي جي ور چڙھي وئي نوٽ ھي آزاد نظم مون 12 مارچ 1998 ع تي لکيو ھئو

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

ليکڪ ظھور احمد سولنگي پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو. سوداگر خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنھن سندس جان بچائي ھئي. ھاڻي سوداگر ھڪ طرف ھلڻ لڳو، سندس ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. ھو ھڪ ڳوٺ وٽ اچي پھتو، جتان جو باشندا قبائلي ھئا. ھن ھيرو ھڙ مان ڪڍي ھڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گھريائين، اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھ

ڪڪڙ ٻانگ ڇو ڏيندو آھي؟

سنڌيڪار: ظھور سولنگي، اسلام آباد صبح سويري اسان سڀ ڪڪڙوڪون جي آواز ٻڌندا آيا آھيون ۽  اھا ھڪ گھڙي جيان وقت تي ھوندي آھي جنھن کان پوءِ اوڀر کان نئين ڏينھن جو سج اڀرندو آھي. جاپاني تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ڪڪڙ صبح سوير ان لاءِ ٻانگ ڏيندو آھي ته ان جي اندر جبلتي حياتياتي حس ان کي ٻڌائيندي آھي ته صبح جو وقت ٿي ويو آھي. سوال اھو آھي ته آخر ڪڪڙ جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ٻانگ ضروري ڏئي. ڪڪڙ جو اھو عمل قدرتي طور تي ننڊ مان جاڳائڻ واري گھڙي جيان ٿي سگھي ٿو؟ ڇا اھو سج جي روشني يا ماحول مان انداز لڳائيندو آھي. ناگويا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ، تڪاشي يوشي مورا چئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ جيستائين ڪڪڙ جي ڪڪڙون نه ٻڌڻ ۾ اچي ته ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا ته ته صبح ٿي ويئي آھي. رسالي "ڪرنٽ بائولوچي" ۾ ھڪ مضمون ۾ يوشي مورا چئي ٿو ته اھو واضح ناھي ته ڪڪڙ جي آواز ڪنھن حياتياتي گھڙي سان جڙيل آھي يا ڪنھن ٻاھرئين عمل جو نتيجو آھي. يشي مورا ان ڳالھھ جي طرف توجه ڏياريو آھي ته ھڪ ڪڪڙ نه صرف صبح جو پر ڏينھن جو به ٻانگ ڏيندو آھي جنھن مان ظاھر ٿيو ته ٻاھريان به ڪي عنصر آھن جيئن ڪنھن

موبائل ۽ انٽرنيٽ ڪرائم

اڄ ڪلھھ جي دور ۾ موبائل ڪميونيڪشن ۽ انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان جرم به وڌندا پيا وڃن ۽ انھن جو اڪثر شڪار نوجوان ٿين پيا، ان ڪري مون سوچيو ته ھڪ اھڙو سلسلو شروع ڪيو وڃي جنھن ۾ اھڙن واقعن جي باري ۾ نوجوانن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اھي پاڻ کي مجرمن کان بچائي سگھن. اڄ پھرين قسط ۾ ھڪ اھڙو واقعو بيان ڪجي ٿو جنھن کي اڃان صرف اٺ ڏينھن گذريا آھن، ھي واقعو منھجي ھڪ دوست سان پيش آيو آھي. منھنجي دوست جو اصل تعلق سيالڪوٽ سان آھي  مگر ھتي اسلام آباد ۾ درزڪو ڪم ڪندو آھي، ھن جي ساھرن جو تعلق گجرات سان آھي.  گذريل ھفتي ھن جي سالي کي ڪنھن ٽيليفون ڪال ڪئي ۽ ڇوڪِري جي آواز ۾ ڳالھائي چيو ته ڇا مونسان دوستي ڪندين، ھن نوجوان جي عمر 22 سال ھئي ۽ سبزي جو پنھنجو دڪان ھئس، ھي انھن جي ڳالھين ۾ اچي ويو ۽ انھنن مجرمن ھن کي ڪنھن جڳھھ تي گھرايو، ھتي ھڪ وضاحت  ڪرڻ جي ضرورت آھي ته اڄ ڪلھھ ووئس چينجر جي ذريعي آواز تبديل ڪيو وڃي ٿو ۽ نيٽ تي اھڙو ڪڌو ڪم ڪيترائي نوجوان ڪن ٿا. نوجوان انھن سان ملڻ لاءِ وڃڻ کان پھريان ان فون جو نمبر جنھن تان ڪال آئي ھئي، ڀرواري دڪاندار کي ڏنو ۽ چيو ته اگر ڪا ڳالھھ ٿي وڃي ته ھي نمبر محفوظ ڪري ڇڏ، خ

يونيڪوڊ ڇا آھي؟

آسان  ٻوليءَ ۾يونيڪوڊ ھڪ سڀن ٻولين جي اکرن تي مشتمل مجموعي جي اسٽنينڊرڊ جو نالو آھي، يونيڪوڊ ۾ سڀن ٻولين جا پراڻا ۽ ھاڻوڪا اکر موجود آھن، ھر اکر جو الڳ ڪوڊ آھي، يونيڪوڊ ۾ سڀن انھن پاڪستاني ٻولين جا اکر موجود آھن جيڪي ٻوليون لکيون ۽ پڙھينو وڃن ٿيون، جن ۾ سنڌي، اڙدو ۽ پشتو شامل آھن. جيئن ئي ڪنھن ٻوليءَ جو ڪو اکر ملندو آھي ته ان کي يونيڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويندو آھي ۽ يونيڪوڊ جو نئون ورجين جاري ڪيو ويندو آھي. يونيڪوڊ جي ھاڻوڪي ورجين ۾ 110,000  کان وڌيڪ اکر موجود آھن ۽ 100 اسڪرپٽس شامل آھن. جيڪڏھن اوھان ڪو فونٽ ٺاھڻ چاھيوٿا يا پنھنجو ڪو ڪيبورڊ ڊيزائن ڪرڻ چاھيو ٿا ته اوھان کي يونيڪوڊ ۾ موجود ڪوڊن جي ضرورت پوندي. پاڪستان ۾ مقتدره قومي زبان اسلام آباد يونيڪوڊ جو ميمبر ھئو، ھن وقت جي خبر ناھي. سنڌي ٻولي عربي اسڪرپٽ ۾ اچي ٿي، جيڪڏھن اوھان کي اھي ڪوڊ ڏسڻا آھن ته ھن لنڪ کي ڪلڪ ڪريو.

ڀاڳ

ظھور سولنگي گذريل زماني جي ڳالھھ آھي ته ھڪڙي شھر ۾ ٻه ڀائر رھندا ھئا، وڏو ڀاءُ پئسي وارو ماڻھو ھوجڏھن ته ننڍو تمام غريب ھوندو ھو، ننڍو ڏاڍي محنت ڪندو ھو، ۽ وڏو مغرور ھو، ننڍي ڀاءُ وٽ محنت جي باوجود به ڪجھ نه بچندو ھو، ۽ ائين مفلسي واري زندگي گذاريندو ھو، وڏو ڀاءُ ھن کي کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن جڏھن ننڍي ڀاءُ کي مزدوري نه ملي ۽ مايوس ٿي رستي تي ويٺو ھو ته ھن کي ننڊ وٺي ويئي، ھن کي خواب ۾ ڪنھن چيو ته مايوس ڇوويٺوآھين اٿ فلاڻي جڳھ تي تنھنجو ڀاڳ بيمار پيو آھي وڃ ان جي خدمت ڪر، ھي اٿيو ۽ رستو وٺي ھلڻ لڳو رستي تي ھن کي ھڪ گھوڙو مليو جيڪو مٽي کائي رھيو ھو، گھوڙي ھن کان پڇيو ته ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، ، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏي پيو وڃان، گھوڙي چيس ته منھنجي باري ۾ پڇجانس ته مان گاھ به کائيندس يا رڳو مٽي کائيندس، ھي اتان ھليو ۽ اچي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو جتي رڳو مينھن پيو وسي بس ئي نه پيو ٿئي، ھي ڪنھن چڱي مڙس جي اوطاق تي ڪھي ويو. ان شخص ھن غريب جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ پڇيو ته ڪيڏانھن پيو وڃين، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ سان ملڻ پيو وڃان، ان شخص چيس ته ڀاڳ کان معلوم ڪجانءِ ته اسان مٿان ھيءَ مصيبت ٽرندي

سگريٽ ڇڪڻ ۽ تعليم

 ظھور احمد سولنگي ڪجھ ڏينھن پھريان ڳوٺ ۾ ھڪ ٻارڙن جي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو، پروگرام عيد ميلا النبي صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان ھئو، ان پروگرام ۾ ٻارڙن تمام سٺيون تقريرون ڪيون، سوالن جوابن جي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ڪجھھ ٻارڙن نعتون پڙھيون، نعتون پڙھندڙ ٻارڙن مان ھڪ کي نه پيو سڃاڻان،مون ان جي باري ۾پتو ڪيو ته خبر پئي ته فلاڻي شخص جو پٽ آھي، جڏھن ته حقيقت ۾ غربت سان ان ٻار جو ڪو تعلق ئي ناھي، ڳوٺن ۾ شھرن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ غربت ھوندي آھي. خبر پئي ته ٻار جو والد سگريٽ جام پيئندو آھي ۽ ھن جي سگريٽ جو خرچ ڪافي آھي، ڏينھن ۾ پاڪيٽ کان مٿي پيئندو آھي، جيڪڏھن ھو سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏئي ته ھڪ سائيڪل ته ڇا ٻه سائيڪلون اچي سگھن ٿيون. مون ان جي ڪلاس جي باري ۾ پڇيوته ٻڌايو ويو ته ٻار پنج درجا پاس ڪري گھر ۾ ويٺو آھي، پڙھي ڪونه پيو. مون سبب پڇيوته خبرپئي ته ٻارڙي کي ته پڙھڻ اڻ ئي جو ڏاڍو شوق آھي پر ھن جو والد کيس نه پيو پڙھائي. چئي پيو ته غريب آھيان، سائيڪل ڪٿان وٺي ڏيانس جو اٺ ڪلوميٽر پري پڙھڻ وڃي. ظاھر آھي ته اھا ڳالھھ ٻڌڻ وارو پھريان پريشان ٿي ويندو ۽ ان جي غريبي جو احساس ٿين

مايوسي ڪفر

ظھور احمد سولنگي راجاخان رند جي خود سوزي حڪمرانن تي منھن تي چماٽ آھي، ووٽ وٺڻ وقت عوام وٽ اچن ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي ڪونه، اليڪشن جي ڏينھن ۾ تي لور لور ڪري ڀڳاايندا آھن مگر عوام جي مسئلن سان ڪو واسطو ئي ۽ عوام ويچاري جيئ جيئ ۾ خوش، ھاڻي اگر اڳئين اليڪشن ۾ عوام موجوده حڪومت کي ووٽ ڏيندو ته وڌيڪ جانيون وينديون، اسان سنڌي عوام کي اپيل ٿاڪيون ته جيئ جيئ مان ٻاھر اچي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪريو، ھي ڪو مصر يا تيونس ناھي، جو ھتي انقلاب اچي، اسان کي پنھنجي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، ڳوٺن ۾ ھڪ مزدور به 200 ڏھاڙي ڪمائي گھر ھلائي پيو پر پڙھيل ڳڙھيل نوجوان نوڪري جي اوسيئڙي ۾ عمر گزاري ٿو ڇڏي ۽ انجام راجا خان جھڙو ٿئي ٿو، راجا خان کي الله تعاليٰ جنت نصيب ڪندو پر ٻين لاءِ اھو سبق آھي ته ڀلي پاڻ کي ساڙيو پوءَ به حڪومت تي فرق ڪونه پوندو سڀ ڪجھھ صحيح آھي مگر ڪيستائين اسان انھن نااھل وڏيرن کي برداشت ڪنداسين، سنڌي نوجوانو خدا جي واسطي مايوسي مان نڪرو ۽ نوڪرين جي بجاءِ ڪو ننڍو ئي سھي ڪاروبار ڪري، مزدوري ڪريو مگر ٻيلي خوڪشيون نه ڪيو سنڌي اخبارن ۽ چينلن کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نوجوانن جي رھن