سنڌيڪار: ظھور سولنگي، اسلام آباد
صبح سويري اسان سڀ ڪڪڙوڪون جي آواز ٻڌندا آيا آھيون ۽ اھا ھڪ گھڙي جيان وقت تي ھوندي آھي جنھن کان پوءِ اوڀر کان نئين ڏينھن جو سج اڀرندو آھي.
جاپاني تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ڪڪڙ صبح سوير ان لاءِ ٻانگ ڏيندو آھي ته ان جي اندر جبلتي حياتياتي حس ان کي ٻڌائيندي آھي ته صبح جو وقت ٿي ويو آھي.
سوال اھو آھي ته آخر ڪڪڙ جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ٻانگ ضروري ڏئي.
ڪڪڙ جو اھو عمل قدرتي طور تي ننڊ مان جاڳائڻ واري گھڙي جيان ٿي سگھي ٿو؟ ڇا اھو سج جي روشني يا ماحول مان انداز لڳائيندو آھي.
ناگويا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ، تڪاشي يوشي مورا چئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ جيستائين ڪڪڙ جي ڪڪڙون نه ٻڌڻ ۾ اچي ته ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا ته ته صبح ٿي ويئي آھي.
رسالي "ڪرنٽ بائولوچي" ۾ ھڪ مضمون ۾ يوشي مورا چئي ٿو ته اھو واضح ناھي ته ڪڪڙ جي آواز ڪنھن حياتياتي گھڙي سان جڙيل آھي يا ڪنھن ٻاھرئين عمل جو نتيجو آھي.
يشي مورا ان ڳالھھ جي طرف توجه ڏياريو آھي ته ھڪ ڪڪڙ نه صرف صبح جو پر ڏينھن جو به ٻانگ ڏيندو آھي جنھن مان ظاھر ٿيو ته ٻاھريان به ڪي عنصر آھن جيئن ڪنھن موٽر سائيڪل جي ھيڊ لائيٽن جا شعاع يا ويجھو ڪنھن ٻئي ڪڪڙ جي ٻانگ سان ان ڪڪڙ کي ٻانگ ڏيڻ جي تحريڪ ملندي آھي.
اھو ڄاڻڻ لاءِ ھڪ ڪڪڙ کي صبح جي وقت ڪنھن قسم جي اندريان ياٻاھريان عوامل ٿي سگھن ٿا، يوشي مورا ۽ ان جي ساٿي، تيوشي شمورا ڪجھھ ڪڪڙن کي اھڙي ماحول ۾ رکيو جنھن ۾ صبح ٿيڻ ھئن جو گمان ھجي ۽ پوءِ ريڪارڊنگ مشين آن ڪري ڇڏي ته جيئن انھن جي آواز ٻڌي سگھي ۽ ان جو مشاھدو ڪري سگھن.
جڏھن ھي عرصي تائين صبح ھجڻ جو گمان وارا شعاع جاري رکيا ويا ته ڪجھھ وقت تائين ڪڪڙن ھڪ عرصي تائين اصل صبح جي وقت ٻانگ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، جنھن مان ظاھر ٿيو ته انھن جي حياتياتي حس برقرار آھي جيڪا ٻوٽن ۽ جانورن جي قدرتي جبلت ٿيندي آھي، جيئن انسانن جي به جبلت آھي جنھن جو تعلق 24 ڪلاڪن جي دوران ڏينھن ۽ رات جي تبديلي سان ٿيندو آھي.
تحقيق ڪندڙن ان ڳالھ جو پتو لڳائي ورتو آھي ته جڏھن ڏينھن جي دوران ٻاھريان عوامل ھڪ ڪڪڙ کي ٻانگ ڏيڻ تي آماده ڪري سگھن ٿا، صبح سويري ان جي ٻانگ ڏيڻ جي شدت زياده ٿي وڃي ٿي.
تڏھن به، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، ڪڪڙن الڳ الڳ ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون، جنھن مان اھو گمان ٿيو ته مستقل ڏينھن جو ماحول ٺاھڻ سان انھن جي قدرتي جبلت ڪمزور ٿي سگھي ٿي.

تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں