نظرانداز کرکے مرکزی مواد پر جائیں

مايوسي ڪفر

ظھور احمد سولنگي
راجاخان رند جي خود سوزي حڪمرانن تي منھن تي چماٽ آھي، ووٽ وٺڻ وقت عوام وٽ اچن ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي ڪونه، اليڪشن جي ڏينھن ۾ تي لور لور ڪري ڀڳاايندا آھن مگر عوام جي مسئلن سان ڪو واسطو ئي ۽ عوام ويچاري جيئ جيئ ۾ خوش، ھاڻي اگر اڳئين اليڪشن ۾ عوام موجوده حڪومت کي ووٽ ڏيندو ته وڌيڪ جانيون وينديون، اسان سنڌي عوام کي اپيل ٿاڪيون ته جيئ جيئ مان ٻاھر اچي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪريو، ھي ڪو مصر يا تيونس ناھي، جو ھتي انقلاب اچي، اسان کي پنھنجي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، ڳوٺن ۾ ھڪ مزدور به 200 ڏھاڙي ڪمائي گھر ھلائي پيو پر پڙھيل ڳڙھيل نوجوان نوڪري جي اوسيئڙي ۾ عمر گزاري ٿو ڇڏي ۽ انجام راجا خان جھڙو ٿئي ٿو، راجا خان کي الله تعاليٰ جنت نصيب ڪندو پر ٻين لاءِ اھو سبق آھي ته ڀلي پاڻ کي ساڙيو پوءَ به حڪومت تي فرق ڪونه پوندو سڀ ڪجھھ صحيح آھي مگر ڪيستائين اسان انھن نااھل وڏيرن کي برداشت ڪنداسين، سنڌي نوجوانو خدا جي واسطي مايوسي مان نڪرو ۽ نوڪرين جي بجاءِ ڪو ننڍو ئي سھي ڪاروبار ڪري، مزدوري ڪريو مگر ٻيلي خوڪشيون نه ڪيو
سنڌي اخبارن ۽ چينلن کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نوجوانن جي رھنمائي ڪرڻي پوندي، گھڻائي ماسي ، ڪتر ڪتر وارا ڊراما ھليا ھاڻي بس سنڌين کي مسئلن جي ڄار مان ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوانن جي سوچن جا رخ موڙڻا پوندا

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

آزاد نظم

ظھور احمد سولنگي آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار معني نويد سحر ڪاري رات کان پوءِ مرجھايل چھرن تي مرڪ موٽائڻ لئه پر ھي ڇا چوڏس خاموشي آشيانا اجڙيل ۽ ويران ڪنول جي لالي غائب لڳي ٿو چيٽ ڪوئل جو جنازو آندو آھي ھاءِ ويچاري معصوم روشن راھن تي تاريڪي جي ور چڙھي وئي نوٽ ھي آزاد نظم مون 12 مارچ 1998 ع تي لکيو ھئو

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

ليکڪ ظھور احمد سولنگي پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو. سوداگر خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنھن سندس جان بچائي ھئي. ھاڻي سوداگر ھڪ طرف ھلڻ لڳو، سندس ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. ھو ھڪ ڳوٺ وٽ اچي پھتو، جتان جو باشندا قبائلي ھئا. ھن ھيرو ھڙ مان ڪڍي ھڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گھريائين، اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھ

ڪڪڙ ٻانگ ڇو ڏيندو آھي؟

سنڌيڪار: ظھور سولنگي، اسلام آباد صبح سويري اسان سڀ ڪڪڙوڪون جي آواز ٻڌندا آيا آھيون ۽  اھا ھڪ گھڙي جيان وقت تي ھوندي آھي جنھن کان پوءِ اوڀر کان نئين ڏينھن جو سج اڀرندو آھي. جاپاني تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ڪڪڙ صبح سوير ان لاءِ ٻانگ ڏيندو آھي ته ان جي اندر جبلتي حياتياتي حس ان کي ٻڌائيندي آھي ته صبح جو وقت ٿي ويو آھي. سوال اھو آھي ته آخر ڪڪڙ جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ٻانگ ضروري ڏئي. ڪڪڙ جو اھو عمل قدرتي طور تي ننڊ مان جاڳائڻ واري گھڙي جيان ٿي سگھي ٿو؟ ڇا اھو سج جي روشني يا ماحول مان انداز لڳائيندو آھي. ناگويا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ، تڪاشي يوشي مورا چئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ جيستائين ڪڪڙ جي ڪڪڙون نه ٻڌڻ ۾ اچي ته ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا ته ته صبح ٿي ويئي آھي. رسالي "ڪرنٽ بائولوچي" ۾ ھڪ مضمون ۾ يوشي مورا چئي ٿو ته اھو واضح ناھي ته ڪڪڙ جي آواز ڪنھن حياتياتي گھڙي سان جڙيل آھي يا ڪنھن ٻاھرئين عمل جو نتيجو آھي. يشي مورا ان ڳالھھ جي طرف توجه ڏياريو آھي ته ھڪ ڪڪڙ نه صرف صبح جو پر ڏينھن جو به ٻانگ ڏيندو آھي جنھن مان ظاھر ٿيو ته ٻاھريان به ڪي عنصر آھن جيئن ڪنھن