نظرانداز کرکے مرکزی مواد پر جائیں

موبائل ۽ انٽرنيٽ ڪرائم



اڄ ڪلھھ جي دور ۾ موبائل ڪميونيڪشن ۽ انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان جرم به وڌندا پيا وڃن ۽ انھن جو اڪثر شڪار نوجوان ٿين پيا، ان ڪري مون سوچيو ته ھڪ اھڙو سلسلو شروع ڪيو وڃي جنھن ۾ اھڙن واقعن جي باري ۾ نوجوانن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اھي پاڻ کي مجرمن کان بچائي سگھن.

اڄ پھرين قسط ۾ ھڪ اھڙو واقعو بيان ڪجي ٿو جنھن کي اڃان صرف اٺ ڏينھن گذريا آھن، ھي واقعو منھجي ھڪ دوست سان پيش آيو آھي. منھنجي دوست جو اصل تعلق سيالڪوٽ سان آھي  مگر ھتي اسلام آباد ۾ درزڪو ڪم ڪندو آھي، ھن جي ساھرن جو تعلق گجرات سان آھي.  گذريل ھفتي ھن جي سالي کي ڪنھن ٽيليفون ڪال ڪئي ۽ ڇوڪِري جي آواز ۾ ڳالھائي چيو ته ڇا مونسان دوستي ڪندين، ھن نوجوان جي عمر 22 سال ھئي ۽ سبزي جو پنھنجو دڪان ھئس، ھي انھن جي ڳالھين ۾ اچي ويو ۽ انھنن مجرمن ھن کي ڪنھن جڳھھ تي گھرايو، ھتي ھڪ وضاحت  ڪرڻ جي ضرورت آھي ته اڄ ڪلھھ ووئس چينجر جي ذريعي آواز تبديل ڪيو وڃي ٿو ۽ نيٽ تي اھڙو ڪڌو ڪم ڪيترائي نوجوان ڪن ٿا.

نوجوان انھن سان ملڻ لاءِ وڃڻ کان پھريان ان فون جو نمبر جنھن تان ڪال آئي ھئي، ڀرواري دڪاندار کي ڏنو ۽ چيو ته اگر ڪا ڳالھھ ٿي وڃي ته ھي نمبر محفوظ ڪري ڇڏ، خير نوجوان انھنن سان ملڻ ھليو ويو، ھن جي نظر ۾ ھڪ ڇوڪري سان ملاقات ھئي.

اھو ڇوڪرو وڃڻ کان پوءِ غائب ٿي ويو ٻه ٽي ڏينھن گذريا مگرڪو پتو نه پئجي سگھيو، پوءِ پوليس سان رابطو ڪيو ويو ۽ اھو نمبر به ڏنو يو، آخر ان نمبر جي ٽريس ڪرڻ سان پوليس مجرمن تائين پھچي ويئي. مگر ڇوڪرو قتل ٿي چڪو ھئو، مجرمن ڇوڪري جي ڌڙ کي بيدردي سان سر کان ڌار ڪري، گردا ڪڍي وڪرو ڪري ڇڏيا ۽ لاش کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيائون ، وارثن کي لاش جا صرف ڪجھھ حصا مليا آھن.

ھن واقعي کان پوءِ نوجوان دوستن کي درخواست ٿي ڪجي ته اھڙين ڪالن کي ٻڌڻ کان پوءِ پوليس ۾ رپورٽ ڪن، ڪنھن اڻڄاتل ماڻھو سان ڳالھائڻ جو ڪو فائدو ناھي.

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

آزاد نظم

ظھور احمد سولنگي آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار معني نويد سحر ڪاري رات کان پوءِ مرجھايل چھرن تي مرڪ موٽائڻ لئه پر ھي ڇا چوڏس خاموشي آشيانا اجڙيل ۽ ويران ڪنول جي لالي غائب لڳي ٿو چيٽ ڪوئل جو جنازو آندو آھي ھاءِ ويچاري معصوم روشن راھن تي تاريڪي جي ور چڙھي وئي نوٽ ھي آزاد نظم مون 12 مارچ 1998 ع تي لکيو ھئو

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

ليکڪ ظھور احمد سولنگي پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو. سوداگر خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنھن سندس جان بچائي ھئي. ھاڻي سوداگر ھڪ طرف ھلڻ لڳو، سندس ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. ھو ھڪ ڳوٺ وٽ اچي پھتو، جتان جو باشندا قبائلي ھئا. ھن ھيرو ھڙ مان ڪڍي ھڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گھريائين، اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھ

ڪڪڙ ٻانگ ڇو ڏيندو آھي؟

سنڌيڪار: ظھور سولنگي، اسلام آباد صبح سويري اسان سڀ ڪڪڙوڪون جي آواز ٻڌندا آيا آھيون ۽  اھا ھڪ گھڙي جيان وقت تي ھوندي آھي جنھن کان پوءِ اوڀر کان نئين ڏينھن جو سج اڀرندو آھي. جاپاني تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ڪڪڙ صبح سوير ان لاءِ ٻانگ ڏيندو آھي ته ان جي اندر جبلتي حياتياتي حس ان کي ٻڌائيندي آھي ته صبح جو وقت ٿي ويو آھي. سوال اھو آھي ته آخر ڪڪڙ جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ٻانگ ضروري ڏئي. ڪڪڙ جو اھو عمل قدرتي طور تي ننڊ مان جاڳائڻ واري گھڙي جيان ٿي سگھي ٿو؟ ڇا اھو سج جي روشني يا ماحول مان انداز لڳائيندو آھي. ناگويا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ، تڪاشي يوشي مورا چئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ جيستائين ڪڪڙ جي ڪڪڙون نه ٻڌڻ ۾ اچي ته ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا ته ته صبح ٿي ويئي آھي. رسالي "ڪرنٽ بائولوچي" ۾ ھڪ مضمون ۾ يوشي مورا چئي ٿو ته اھو واضح ناھي ته ڪڪڙ جي آواز ڪنھن حياتياتي گھڙي سان جڙيل آھي يا ڪنھن ٻاھرئين عمل جو نتيجو آھي. يشي مورا ان ڳالھھ جي طرف توجه ڏياريو آھي ته ھڪ ڪڪڙ نه صرف صبح جو پر ڏينھن جو به ٻانگ ڏيندو آھي جنھن مان ظاھر ٿيو ته ٻاھريان به ڪي عنصر آھن جيئن ڪنھن