نظرانداز کرکے مرکزی مواد پر جائیں

اشاعتیں

دسمبر, 2012 سے پوسٹس دکھائی جا رہی ہیں

ڀاڳ

ظھور سولنگي گذريل زماني جي ڳالھھ آھي ته ھڪڙي شھر ۾ ٻه ڀائر رھندا ھئا، وڏو ڀاءُ پئسي وارو ماڻھو ھوجڏھن ته ننڍو تمام غريب ھوندو ھو، ننڍو ڏاڍي محنت ڪندو ھو، ۽ وڏو مغرور ھو، ننڍي ڀاءُ وٽ محنت جي باوجود به ڪجھ نه بچندو ھو، ۽ ائين مفلسي واري زندگي گذاريندو ھو، وڏو ڀاءُ ھن کي کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن جڏھن ننڍي ڀاءُ کي مزدوري نه ملي ۽ مايوس ٿي رستي تي ويٺو ھو ته ھن کي ننڊ وٺي ويئي، ھن کي خواب ۾ ڪنھن چيو ته مايوس ڇوويٺوآھين اٿ فلاڻي جڳھ تي تنھنجو ڀاڳ بيمار پيو آھي وڃ ان جي خدمت ڪر، ھي اٿيو ۽ رستو وٺي ھلڻ لڳو رستي تي ھن کي ھڪ گھوڙو مليو جيڪو مٽي کائي رھيو ھو، گھوڙي ھن کان پڇيو ته ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، ، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏي پيو وڃان، گھوڙي چيس ته منھنجي باري ۾ پڇجانس ته مان گاھ به کائيندس يا رڳو مٽي کائيندس، ھي اتان ھليو ۽ اچي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو جتي رڳو مينھن پيو وسي بس ئي نه پيو ٿئي، ھي ڪنھن چڱي مڙس جي اوطاق تي ڪھي ويو. ان شخص ھن غريب جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ پڇيو ته ڪيڏانھن پيو وڃين، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ سان ملڻ پيو وڃان، ان شخص چيس ته ڀاڳ کان معلوم ڪجانءِ ته اسان مٿان ھيءَ مصيبت ٽرندي